عشق آڏيري وَل (ڪتاب)

عشق آڏيري وَل (ڪتاب)

عشق آڏيري ول ڪتاب

عشق آڏيري وَل (ڪتاب): هيءُ عاجز اڄڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ بيت، وايون، ڪافيون، گيت ۽ غزل وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ اصغر ڀٽي ڀريائيءَ جو لکيل آهي، جڏهن ته عاجز اڄڻ جي شخصيت ۽ فن تي ڪوثر ٻرڙي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، اصغر مهيسر، مسڪين راشدي، منير سولنگي، سپاهي محمد اسماعيل خاصخيلي ۽ نسيم بلوچ جا رايا شامل آهن. 208 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو